بارکان ۾7 مسافر بس مان لاهي قتل، وڏي وزير پاران مذمت

بارکان ۾7 مسافر بس مان لاهي قتل، وڏي وزير پاران مذمت

بارکان (ويب ڊيسڪ)بارکان جي علائقي رِڙڪن ۾ هٿياربند ماڻهن 7 بس مسافرن کي اغوا ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اسسٽنٽ ڪمشنر بارکان خادم حسين موجب 7 بس مسافرن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، فوت ٿيلن جا لاش رُڪني اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ليويز ۽ ايف سي علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر بارکان موجب مسافر بس ڪوئيٽا کان فيصل آباد وڃي رهي هئي، مسافر ذيشان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان بس ۾ ڪوئيٽا کان ملتان وڃي رهيا هئاسين ته ڏهه يا ٻارهن هٿياربند ماڻهن بس کي روڪيو، ذيشان چيو ته منهنجي ڀاءُ عدنان کي بس مان ڪڍيو ويو ۽ سندس سڃاڻپ ڪارڊ ڏسڻ کان پوءِ قتل ڪيو ويو، حادثي ۾ متاثر ٿيل خاندان جي عورت مسافرن چيو ته اسان ڪوئيٽا کان فيصل آباد وڃي رهيا هئاسين ته انهن اسان جي ڀاءُ جو سڃاڻپ ڪارڊ ڏٺو ۽ ان کي بس مان ڌڪي ڪڍيو هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي بارکان ۾ 7 مسافرن جي وحشياڻي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بيگناهه ۽ بي هٿيار ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن،هن چيو ته امن جي دشمنن جو بزدلاڻو حملو ناقابل برداشت آهي، سخت جواب ڏنو ويندو، ۽ پاڪستانين کي شهيد ڪندڙ دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو