نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)ويڪسينيٽر ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران ڊي.ايس.وي ۽ صوبائي چيئرمين مولا بخش چانڊيو جي معطلي خلاف سڄي سنڌ جيان سول اسپتال نوشھرو فيروز ۾ پڻ اي پي آء سينٽر کي تالو ھڻي بند ڪرڻ کانپوءِ مظاھرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي غلام مصطفيٰ ڪلھوڙو TSV ڪئي جڏھن ته ممتاز سولنگي عبدالرحمٰن ڀنڀرو اعجاز ميمڻ عاقب راجپوت عبدالرئوف ڀان ۽ ٻين چيو ته اسان جي اڳوڻن کي حق گهرڻ تي سزا ڏني پيئي وڃي جيڪڏهن اھا روش رھي تہ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو مولابخش چانڊيو اڪيلو نہ آھي جيستائين مولا بخش کي بحال نه ڪيو ويندو تيستائين اي پي آء جو ڪم بند ھوندو










