ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اٽلي جي نيوي جو سامونڊي جهاز موروسيني ڪراچي پهچي ويو ۽ پاڪستان نيوي سان ٻه طرفين جنگي مشقن ۾ حصو ورتو. اٽلي جو سامونڊي جهاز جو ڪراچي بندرگاهه پهچڻ تي پاڪستان نيوي جي اعليٰ عملدارن ۽ اٽلي جي سفير پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. بندرگاهه جو دورو مڪمل ڪرڻ تي پاڪستان نيوي جي جهاز شاهجهان ۽ پاڪ بحريه جي جنگي جهازن اٽلي جي جهازن سان سامونڊي مشقون ڪيون ته جيئن ٻنهي سامونڊي فوجن جي وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائي سگهجي. سامونڊي مشق جو مقصد هڪ ٻئي جي تجربن مان تعاون ۽ سکيا ذريعي باهمي پيشه ورانه صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ آهي. جهاز جي دوري جي موقعي تي اٽلي جي نيوي جي ڊائريڪٽر آف ملٽري پرسنل وائيس ايڊمرل اينڊريا گيگليو پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ وائيس ايڊمرل محمد فيصل عباسي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ مستقبل ۾ سهڪار جي راهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اٽلي جي ڊفينس انڊسٽريز جي وفد چيئرمين ميسرز فنڪنٽيري، جنرل (رٽائرڊ) ڪلاڊيو گرازيانو (اٽلي جي اڳوڻي COAS) جي اڳواڻي ۾ پڻ ڪراچي جو دورو ڪيو ته جيئن اٽلي جي دفاعي صنعت ۽ شپ بلڊنگ جي صلاحيتن جي نمائش ڪئي وڃي.










