روم (ويب ڊيسڪ)اٽلي سيڪيورٽي خدشن جي ڪري چيٽ جي پي ٽي، جديد چيٽنگ پليٽ فارم کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.اٽلي پهريون مغربي ملڪ آهي جنهن آمريڪي ٺاهيل آرٽيفيشل انٽيليجنس) تي ٻڌل چيٽ جي پي ٽي کي بلاڪ ڪيو.پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب اطالوي ڊيٽا پروٽيڪشن اٿارٽي موقف اختيار ڪيو ته ان کي چيٽ جي پي ٽي جي ماڊل بابت پرائيويسي خدشا آهن، جيڪو آمريڪا جي ٺهيل اوپن اي آءِ ۽ مائڪروسافٽ جي سپورٽ تي ٻڌل آهي.اٿارٽي چيو ته اهو فوري طور تي آرٽيفيشل انٽيليجنس تي پابندي لڳائيندو ۽ رازداري جي خدشات جي تحقيقات ڪندو.اطالوي واچ ڊاگ جو چوڻ آهي ته چيٽ جي پي ٽي تي پابندي لڳائڻ کان علاوه، اهو به تحقيق ڪندو ته ڇا اها جنرل ڊيٽا پروٽيڪشن ريگيوليشن جي تعميل ڪري ٿي.جنرل ڊيٽا تحفظ ضابطو اهو طريقو آهي جنهن ۾ ذاتي ڊيٽا استعمال ۽ محفوظ ڪري سگهجي ٿي.اطالوي واچ ڊاگ چيو ته ايپليڪيشن صارف جي گفتگو ۽ ادائيگي جي معلومات سان لاڳاپيل ڊيٽا جي ڀڃڪڙي ڪئي.هن وڌيڪ چيو ته اوپن اي آءِ وٽ واچ ڊاگ جي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ 20 ڏينهن آهن.










