ايپل جي 2019 جي ماڊل وارن فونز جا نوان فيچر ۽ قيمتون

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) ايپل طرفان هن سال 3 نوان آئي فون پيش ڪيا پيا وڃن، ايپل ڪمپني پاران متعارف ڪرايل نئين فون سيٽن ۾ سڀ کان وڏي تبديلي پهريون ڀيرو پوئين پاسي يعني بيڪ سائيد تي 3 ڪيمرائن جي موجودگي آهي. قيمت جي لحاظ کان به وڏو فرق آهي. فليگ شپ آئي فون پرو ۽ آءِ فون 11 پروميڪس جي قيمت هڪ هزار کان 1400 ڊالرز هوندي. 2019 جا آئي فون اسڪرين ڊسپلي جي لحاظ سان گذريل سال جهڙا ئي هوندا پر بلوم برگ موجب قيمت گهٽ ڪرڻ جي چڪر ۾ هن ڀيري آئي فون ايڪس آر ۾ ايل سي ڊي جي جاءِ تي او ايل اي ڊي اسڪرين لڳائي پئي وڃي. جنهن ۾ گذريل سال ايل سي ڊي ڏني وئي هئي. آئي فون ايڪس آر جي اپ ڊيٽڊ ورشن ۾ هن دفعي هڪ جي جاءِ تي 2 ڪيمرا ڏنا ويندا. 3 بيڪ  سائيڊ ڪيمرن ۾ پهريون دفعو آئي فون لارج فيلڊ ويو ۽ بهتر زوم جي صلاحيت ڏني ويندي. جڏهن ته سمارٽ فريم جي نالي سان هڪ نئون فيچر ڏيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ الٽرا وائيڊ فوٽو کي وڌيڪ بهتر ڪڍڻ ۾ مدد ملي سگھندي. آئي فون ۾ 3 ڪيمرن جي شموليت جو مطلب اهو به آهي ته بيڪ سائيڊ ڪيمري جي پوزيشن تبديل ٿيندي، جيڪو هڪ چوڪور دٻي جي شڪل ۾ هوندو. هن دفعي صارفين جي لاءِ وڌيڪ ريزوليشن واري سيلفي ڪيمرا ڏني پئي وڃي.  يعني نئين آئي فون ۾ 12 ميگا پڪسل سنسر ڏنو ويندو جيڪو گذريل سال 7 ميگا پڪسل جي ڪيمري جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر هوندو.

فاسٽ چارجنگ لاءِ 18 واٽ جو چارجر نئين آئي فون ۾ شامل آهي. جيڪو هن وقت بيشتر اينڊرائيڊ فون ۾ دستياب آهي. ايپل جو چهرو شناخت ڪرڻ وارو سسٽم هن سال اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي. هڪ رپورٽ مطابق فيس آئي ڊي کي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو. جنهن سبب گهٽ روشني ۾ به چهرو چٽو نظر ايندو. نئين آئي فون ۾ ريورس چارجنگ سپورٽ لاءِ وڌيڪ وڏيون بيٽريون ڏنيون پيون وڃن. گذريل سال جي مقابلي ۾ 25 فيصد بيٽري وڌيڪ هلندي. آئي فون آر ايس جي اپ ڊيٽڊ ورشن جي لاءِ ليونڊر ۽ سائي ڪلر جا نوان آپشنز ڏيڻ جو امڪان آهي جيڪو بلو ۽ ڪورل جي جاءِ وٺندو. نئين آئي فون ۾ اي 13 پراسيسر ڏنو ويندو جيڪو پهريان جي مقابلي ۾ وڌيڪ طاقتور هوندو. ان وانگر ئي آئي فون ايڪس آر 3  جي جاءِ تي 4 جي بي، ريم ڏيڻ جا به امڪان آهن. نئين آئي فون ايڪس آر اپ ڊيٽڊ ماڊل 999 پائونڊز جڏهن ته ايڪس ايس جي نئين ورشن جي قيمت 1099 پائونڊز کان شروع ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو