ايپل جي شيئرز ۾ لاٿ ڪمپني کي 500 ارب جو جهٽڪو

ايپل جي شيئرز ۾ لاٿ ڪمپني کي 500 ارب جو جهٽڪو

جمعي ڏينهن ايپل جا شيئر لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو ڪري پيا، جڏهن ڪمپني جي مايوس ڪندڙ مالي اڳڪٿي ظاهر ڪيو ته آءِ فون ٺاهيندڙ ڪمپني مصنوعي ذهانت (AI) تي ٻڌل ڊيٽا سينٽرن جي تيزي سان وڌندڙ طلب سبب عالمي سپلائي چين تي پيل دٻاءَ جي ڪري ضروري پرزا حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي.
جيڪڏهن اها گهٽتائي برقرار رهي ته اها مارچ 2020ع ۾ ڪورونا وبا دوران آيل شديد اسٽاڪ مارڪيٽ جي لاٿ کان پوءِ ايپل جي شيئرز لاءِ سڀ کان خراب ڏينهن هوندو. ان سان ايپل جي مارڪيٽ ويليو مان لڳ ڀڳ 500 ارب ڊالر گهٽجي ويندا ۽ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز، جيڪو هن ڪجهه ڏينهن اڳ ٻيهر حاصل ڪيو هو، وري مصنوعي ذهانت لاءِ چِپ ٺاهيندڙ ڪمپني اينويڊيا (Nvidia) ڏانهن هلي ويندو.
ايپل جي سي اي او ٽم ڪڪ، جنهن کي سپلائي چين جي انتظام ۾ وڏي مهارت سبب سڃاتو وڃي ٿو، پنهنجي آخري مالي نتيجن واري ڪانفرنس ڪال دوران چيو ته پرزن جي کوٽ “انتهائي سنگين” آهي ۽ ڪمپني وٽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ محدود آپشن موجود آهن. هو سيپٽمبر ۾ سي اي او جو عهدو جان ٽرنس کي حوالي ڪندو ۽ پاڻ ايگزيڪيوٽو چيئرمين بڻجي ويندو.
ٽيڪنالاجي صلاحڪار اداري ڪريئيٽو اسٽريٽجيز جي سي اي او بين بجارين چيو، “جيڪڏهن ايپل جهڙي وڏي ڪمپني به چئي رهي آهي ته سپلائي چين ۾ هاڻي ڪا به لچڪ باقي نه رهي آهي، ته پوءِ اها سڀني لاءِ انتهائي خراب خبر آهي.”
وڏيون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون پنهنجي AI ڊيٽا سينٽرن کي هلائڻ لاءِ جديد چپ ٺاهڻ جي گنجائش ۽ ميموري چپس وڏي مقدار ۾ خريد ڪري رهيون آهن، جنهن سبب عالمي سطح تي کوٽ ۽ قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي. ماهرن موجب ان صورتحال سبب هلندڙ سال ذاتي ڪمپيوٽرن ۽ اسمارٽ فونن جي مارڪيٽ به سُڪڙجي سگهي ٿي.
ايپل ميموري چپس جي وڌندڙ قيمتن جو ڪجهه اثر اڳ ۾ گڏ ڪيل اسٽاڪ استعمال ڪري گهٽايو، پر ٽم ڪڪ چيو ته اهو ذخيرو هاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ پروسيسرن جي کوٽ سبب ڪمپني آءِ فون ۽ ميڪ ڪمپيوٽرن جي مضبوط طلب پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي.
خميس ڏينهن ڪمپني موجوده ٽه ماهي لاءِ آمدني ۾ 9 کان 11 سيڪڙو واڌ جي اڳڪٿي ڪئي، جڏهن ته وال اسٽريٽ جا تجزياڪار لڳ ڀڳ 12 سيڪڙو واڌ جي اميد ڪري رهيا هئا. ان کان علاوه، ايپل جي سروسز شعبي جي سست واڌ به جون ٽه ماهي جي بهتر مالي نتيجن تي اثرانداز ٿيا.
سروسز شعبي جي ڪمزور ڪارڪردگي سيڙپڪارن لاءِ ڳڻتي جو سبب
سيڙپڪارن کي خاص طور تي سروسز ڪاروبار جي ڪمزوري بابت ڳڻتي آهي، ڇو ته اها اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن آءِ فون جي وڪرو ۾ واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. عام طور تي آءِ فون جي سٺي وڪري سان ايپ اسٽور، ايپل ميوزڪ، ايپل ٽي وي ۽ ٻين خدمتن مان حاصل ٿيندڙ آمدني ۾ به واڌ ٿيندي آهي.
تجزياڪارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سيپٽمبر ۾ متوقع نئين آءِ فون سيريز جي لانچ دوران قيمتون وڌايون ويون ته ان سان وڪرو متاثر ٿي سگهي ٿو، جنهن جو سڌو اثر سروسز ڪاروبار تي به پوندو.
مورگن اسٽينلي جي تجزياڪارن چيو ته، “سپلائي چين تي ايپل جو اثر رسوخ هاڻي سوال هيٺ اچي ويو آهي، جڏهن ته اهو به واضح ناهي ته AI ڪمپني جي شين يا خدمتن لاءِ ڪو نمايان فائدو ڏئي رهي آهي. مستقبل ۾ AI مان آمدني ڪيتري ٿيندي، ان بابت به اڃا غيريقيني صورتحال آهي.”
هنن وڌيڪ چيو ته، “اهو به دليل ڏئي سگهجي ٿو ته ايپ اسٽور جي ڪمزور ڪارڪردگي جو هڪ سبب اهو آهي ته AI صارفين جي وقت ۽ ڌيان جون ترجيحون تبديل ڪري رهي آهي.”
تنهن هوندي به، ڪجهه تجزياڪارن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ به آءِ فون جي قيمتن ۾ واڌ باوجود طلب ۾ ڪا وڏي گهٽتائي نه آئي هئي. سندن خيال آهي ته آمريڪا ۾ ڪلارنا (Klarna) سان ٿيل نئين ليزنگ معاهدي، جنهن تحت ايپل ڊوائيسز قسطن تي حاصل ڪري سگهجن ٿا، قيمت وڌڻ جو اثر ڪجهه حد تائين گهٽائي سگهي ٿو.
گهٽ ۾ گهٽ چار بروڪريج ادارن ايپل جي شيئرن جي حدف واري قيمت گهٽائي ڇڏي، جڏهن ته ٽن ادارن ان ۾ واڌ ڪئي. LSEG جي انگن اکرن موجب، هاڻي ايپل جي شيئر جي سراسري حدف قيمت 330 ڊالر آهي، جيڪا آخري بند ٿيندڙ قيمت کان 3 ڊالر گهٽ آهي. خميس تائين هلندڙ سال دوران ايپل جا شيئر 22.7 سيڪڙو وڌي چڪا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو