ايپل تيز رفتار نئون آءِ پيڊ پرو متعارف ڪرائي ڇڏيو

ايپل تيز رفتار نئون آءِ پيڊ پرو متعارف ڪرائي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل تيز رفتار نئون آءِ پيڊ پرو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايپل جي متعارف ڪرايل آءِ پيڊ پرو  ۾ ايم ون چپ به موجود آهي. آءِ پيڊ پرو 11 ۽ 12 انچ جي سائز ۾ دستياب آهي. هن نئين آءِ پيڊ ۾ ايپل پنهنجي نئين آءِ ميگ ۾ استعمال ٿيندڙ پراسيسر ايم 1 کي شامل ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ان جي اسپيڊ ۾ ڊرامائي بهتري نظر ۾ ايندي.هن پراسيسر سبب يو ايس بي 4 پورٽ کان ڊيٽا جي تيز رفتاري سان ٽراسفر ڪري سگهبو. جڏهن ته ڊسپلي ڪنگٽيويٽي بهتر ٿيندي. نئين آءِ پيڊ پرو جو ڊيزائن گذريل سال جي ڊيوائس جهڙو آهي ۽ اصل تبديلي انڊر ڪئي وئي آهي.هن ڀيري آءِ پيڊ پرو ۾ 5 جي سپورٽ موجود آهي ۽ اهڙي طرح هي آءِ فون 12 جي تيز رفتار انٽرنيٽ اسپيڊ جو مقابلو ڪري سگهندي. ڪمپني موجب نئون آءِ پيڊ 30 اپريل کان پري آرڊر ۾ دستياب هوندو ۽ مئي ۾ صارفين تائين پهچي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو