حڪومت کان هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب

حڪومت کان هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) ايوان صدر حڪومت کان هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف زرداري جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ کان اڳ، ايوان صدر حڪومت کان هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ گهري آهي.ذريعن موجب صدر پنهنجي خطاب ۾ حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي مکيه نقطن جو ذڪر ڪندو. صدر جي تقرير ۾ حڪومت جي اهم معاشي قدمن جي نتيجن جو به ذڪر ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۽ فلسطين سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به پنهنجا خيال ظاهر ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته متوقع اپوزيشن احتجاج کي نظر ۾ رکندي صدر جي خطاب جو عرصو 20 کان 25 منٽ هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 10 مارچ تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻيو پارلياماني سال صدر جي خطاب سان شروع ٿيندو.قومي اسيمبلي جو اسپيڪر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندو. فوجي قيادت، گورنرن ۽ وڏن وزيرن سان گڏ صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرن کي به گڏيل اجلاس ڏسڻ جي دعوت ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو