غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپورشھر ڀرسان ڳوٺ الله ڏنو ميراڻي ۾ آبپاشي کاتي ۽ اينٽي انڪروچمينٽ عملي پاران ميراڻي برادري جي ڪيترن ئي گھرن کي ڊاھي پٽ ڪيو ويو۔ متاثرن جو سخت احتجاج . سپريم ڪورٽ جي ڏنل حڪم جي پوئواري ۾ آبپاشي کاتي ۽ اينٽي انڪروچ مينٽ عملي وارن گڏيل ڪاروائي ڪندي غوثپور ڀرسان ڳوٺ رئيس الله ڏنو ميراڻي ۽ مارک ڀيو واري علائقي ۾ ڪرين مشين ذريعي ميراڻي برادري جي ڪيترن ئي گھرن کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو۔ ان موقعي تي ماثرين فقير احمد۔ رفيق احمد۔ محبوب علي۔ لياقت علي۔ عظيم ۔ مورزادي ميراڻي ميڊيا آڏو دانھيندي سخت احتجاج ڪندي چيو ته ناحق اسانجي گھرن کي ڊاھي پٽ ڪيو ويو آھي۔ اسان غريب ۽ مسڪين ڪيڏانھن وڃون۔ متاثرن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کان مطالبو ڪيو آھي ته اسانجي واھر ڪئي وڃي ۽ گھرن کان بي دخل نه ڪيو وڃي۔










