ايندڙ 5 سالن ۾ عالمي گرمي پد خطرناڪ حد تائين وڌي ويندو، ماهر

ايندڙ 5 سالن ۾ عالمي گرمي پد خطرناڪ حد تائين وڌي ويندو، ماهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ 5 سالن دوران عالمي گرمي پد ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ واڌ گليشيئر پگھلڻ سبب سمنڊ جي سطح ۾ وڌيڪ واڌ جو سبب بڻجندي.بين الاقوامي ميڊيا موجب، موسمياتي ماهرن اهو خيال ظاهر ڪيو آهي ته 80 سيڪڙو امڪان آهي ته ايندڙ 5 سالن مان هڪ رڪارڊ تي گرم ترين سال هوندو، جنهن ۾ انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سراسري طور تي 2 ڊگري واڌ جي اميد آهي.عالمي موسمياتي تنظيم جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل، ڪو بيريٽ، چيو آهي ته اسان رڪارڊ تي گرم ترين سالن جو تجزيو ڪيو آهي، ۽ اسان کي عالمي موسمياتي تنظيم جي ايندڙ رپورٽ ۾ بهتري جو ڪو به نشان نظر نٿو اچي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته اسان جي طرز زندگي ۽ روزاني معمولات اسان جي ڌرتي تي منفي اثر وجهي رهيا آهن.عالمي گرمي پد ۾ 5 ڊگري سينٽي گريڊ واڌ اسان کي پيرس موسمياتي معاهدي ۾ مقرر ڪيل هدف کان وڌيڪ پري ڪري ڇڏيو آهي.هن سڄي صورتحال ۾، سمنڊ جي سطح تي واقع ملڪ ۽ ننڍا ٻيٽ پنهنجي بقا لاءِ مسئلن کي منهن ڏيندا. معاهدي ۾ چيو ويو هو ته اسان پاڻ کي 2 ڊگري کان هيٺ جي سطح تائين محدود ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو