ايم ايس خلاف ايس ٽي پي ڪشمور جي ڪارڪنن پاران احتجاج

ايم ايس خلاف ايس ٽي پي ڪشمور جي ڪارڪنن پاران احتجاج

ڪشمور(رپورٽ اصغر علي چانڊيو )ڪشمور ۾ گھوٽڪي سول اسپتال جي ايم ايس ارباب ملڪ خلاف ايس ٽي پي ڪشمور جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو، گھوٽڪي جي ايم ايس خالد لاکو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ڊي سي گھوٽڪي ڊي ايڇ او گھوٽڪي ايم ايس خلاف ڪارروائي ڪري نه ته پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، رفيق احمد چنا، خبر موجب ڪشمور پريس ڪلب آڏو گھوٽڪي جي ايم ايس ارباب ملڪ خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ڪارڪنن احتجاج  ڪيو ان موقعي تي ايس ٽي پي ڪشمور جي تعلقه صدر رفيق احمد چنا، پنھل چاچڙ، نياز جکراڻي سھڻو خان چاچڙ ۽ ٻين ھٿن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا جھنڊا کڻي گھوٽڪي جي ايم ايس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ايس ٽي پي ڪشمور جي ڪارڪنن ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل کان مطالبو ڪيو ته ايس ٽي پي جي خالد لاکو مٿان داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس فل فور ختم ڪيا وڃن ۽ نااهل ايم ايس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت پرامن احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو