ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جو باني ۽ دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ، ٽوئٽر خريد ڪرڻ واري ڊيل کان پوئٽي هٽي ويو آهي. هن 44 بلين ڊالر ۾ سوشل ميڊيا جو پليٽ فارم خريدڻ جو اعلان ڪيو هو. بي بي سي موجب ايلون مسڪ جي معاهدي تان هٿ کڻڻ جو سبب اهو هو ته ٽوئيٽر انتظاميه اسپيم ۽ جعلي اڪائونٽس جي تعداد بابت گهربل معلومات فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هئي. ايلون مسڪ اپريل ۾ Twitter خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ کانپوءِ تازو اعلان ان سڄي قصي ۾ نئون ۽ اهم موڙ آهي.










