ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايلن مسڪ، لگزري ڪارون ٺاهيندڙ ڪمپني ٽسلا جو مالڪ ۽ دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ آهي، ٽوئيٽر ۾ سڀ کان وڏي اسٽيڪ خريد ڪرڻ کانپوءِ مائڪرو بلاگنگ سائيٽ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل ٿي ويو آهي. رائٽرز موجب ٽوئيٽر جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) پراگ اگروال هڪ ٽوئيٽ ۾ تصديق ڪئي ته ايلون مسڪ کي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن هڪ مختصر ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايلون مسڪ سان مهينن جي ڳالهين کانپوءِ ڪمپني کي يقين ٿي ويو ته هو سندن بهترين مفاد ۾ آهي، ان ڪري کيس بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو حصو بڻايو پيو وڃي.










