ايف آءِ جو اي هوٽل تي ڇاپو، انساني اسمگلر گرفتار

ايف آءِ جو اي هوٽل تي ڇاپو، انساني اسمگلر گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي هوائي اڏي ويجهو ايف آءِ اي هوٽل تي ڇاپو هڻي ٽن انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي جي انساني اسمگلنگ جي خاتمي واري سرڪل جي عملي شاهراهه فيصل تي ايئرپورٽ ڇوٽا گيٽ ويجهو هوٽل تي ڇاپو هڻي 7 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو، جن ۾ 3 اسمگلر ٻڌايا پيا وڃن. اختيارين موجب حراست ۾ ورتل ماڻهن ۾ 4 مسافر آهن، جن کي انساني اسمگلرن عراق موڪلڻ لاءِ ڳري رقم ورتي هئي ۽ انهن کي پرڏيهه اماڻن لاءِ رٿابندي ڪري رهيا هئا. ذريعن موجب گرفتار ايجنٽن ۽ مسافرن کي ايڇ ٽي سي منتقل ڪيو ويو، جن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو