ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايس پي اعجاز هاشمي تي سرڪاري مدعيت ۾ ميٺا در ٿاڻي تي ٺڳي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيل ڪيس ۾ ٺڳي ۽ دوکو ڏيڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته ايس پي اعجاز هاشمي تڪڙي ترقي لاءِ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمنٽ کي پيدائش جي تاريخ جي درستگي لاءِ درخواست ڏني، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هن جي ڄمڻ جي تاريخ 16 سيپٽمبر 1963 آهي، ايف آءِ آر ۾ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اعجاز هاشمي بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو، عدالتي حڪم تي مامري جي انڪوائري ڪئي وئي، جاچ ۾ ثابت ٿيو ته ايس پي ڄمڻ جي تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا ٺڳي ڪئي هئي.










