ايس ٽي پي پاران منشيات ۽ پوليس گردي خلاف احتجاج

ايس ٽي پي پاران منشيات ۽ پوليس گردي خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)شيخ ڀرڪيو ۾ سماجي براين منشيات جي وڪري ۽ پوليس گردي خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن جو شيخ  ڀرڪيو ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مظاهرين منشيات جي وڪري ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس جي سرپرستي هيٺ شيخ ڀرڪيو ۽ ان جي ڀرپاسي جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ سماجي برايون منشيات جو وڪرو ڪڪڙن جا ميل ۽ جوا جا اڏا هلي رهيا آهن جنهنڪري نوجوان نسل تباه ٿي رهيو آهي هنن چيو ته پوليس جي آشيرواد سان منشيات جي وڪري ۾ ڏينهو ن ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي هنن چيو ته شيخ ڀرڪيو پوليس ۾ ملوث ڪاريون رڍون منشيات فروشن سان ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهن جنهنڪري هتي سماجي براين ۽ ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي هنن چيو ته ايس ٽي پي سماجي براين خلاف ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ٿي جيستائين شيخ ڀرڪيو ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ منشيات ۽ سماجي براين جو آزار ختم نٿو ڪيو وڃي تيستائين ايس ٽي پي جو احتجاج جاري رهندو هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان مطالبو ڪيو ته شيخ ڀرڪيو ۽ ڀرپاسي ۾ هلندڙ منشيات ۽ سماجي براين جا اڏا بند ڪرايا وڃن ان ۾ ملوث منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي پاران  ايس ايس پي  پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ان موقعي تي قربان پتافي امجد ٽنگڙي شبير قمبراڻي ساجن ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو