ايس ٽي پي اڳواڻن تي ڪيس داخل،مگسي پاران مذمت

ايس ٽي پي اڳواڻن تي ڪيس داخل،مگسي پاران مذمت

حيدرآباد ( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف گهگهر ڦاٽڪ ڪراچي ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻڻ تي سرڪار پاران ڪيس داخل ايف آئي آر ۾ ايس ٽي پي جو وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي ، جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي ، جوائنٽ سيڪريٽري قادر چنا، ناري تحريڪ اڳواڻ حاڪم زادي ٿيٻو، مرڪزي اڳواڻ خير محمد مگسي ، اعجاز سامٽيو سميت گزريل ڏينهن گھگھر چوڪ ملير تي ايس ٽي پي جي ڌرڻي جو ڪيس اسٽيل ٽائون ملير ٿاڻي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻن حيدرشاھاني ھوت خان گاڏھي قادر چنا ادي حاڪم زادي ٿيٻو اعجاز سامٽو خير محمد مگسي ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي صدر سيد جلال شاھ سدا بليدي ايز قيصراڻي مختيار کوسو نادر بليدي نعمي زھراڻي رجب زھراڻي حفيظ زھراڻي دوست علي مگسي ادريس چانڊيو علي ناريجو ببن چانڊيو محبوب قيصراڻي منان شيخ رستم ميراڻي امام الدين کوکر حميد خان ڪلمتي ممتاز ڪلھوڙو سعيد لکڻ شاھد ميمڻ جمال مگسي منير مگسي پيربخش زھراڻي رشيد پتافي اصغر سبزوئي شوڪت ميرجت غلام ڏيرو راڻون خان زھراڻي ۽ فضل الدين زھراڻي تي(38)ڄڻن تي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پاران ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪئي پ پ پ بوکلائجي وئي آهي. پرامن احتجاج ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪري خوفزدہ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي.پ پ پ هڪ پاسي جمهوريت جي دعويداري ڪري ٿي ٻئي پاسي پاسي آمريت جي نقش قدم تي هلي رهي آهي.سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تحريڪ هاڻي عوامي تحريڪ بڻجي چڪي آهي. ڪيس داخل ٿيڻ سان تحريڪ تي ڪو فرق نه پوندو.ڀلي پ پ پ حڪومت ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪري آزمائي پر سنڌ جو عوام پنهنجي مادر وطن ۽ وسيلن جي مالڪي تان هٿ نه کڻندو. ايس ٽي پي ڪوڙن ڪيسن ۽ جيلن کان نه اڳ م خوفزده ٿي آهي نه هاڻي ٿيندي. سنڌ اسان جي ماءُ سنڌو اسان جو ساھ مهم اڃان تيز ٿيندي. پ پ پ سرڪار پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ سان سندس ٻهروپيو چهرو سامهون اچي ويو آهي. پ پ پ کي پنهنجي سياست دفن ٿيندي نظر پئي اچي انڪري اهڙين حرڪتن تي لهي آئي آهي. ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاجي تحريڪ انهن منصوبن جي خاتمي تائين جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو