تهران (ويب ڊيسڪ) چين جي پرڏيهي وزير ايراني هم منصب عباس عراقچي سان فون تي ڳالهه بولهه ڪئي آهي ۽ کيس صلاح ڏني آهي ته وڙهڻ کان ڳالهائڻ ڀلو آهي، امن جو موقعو نه وڃائڻ گهرجي ۽ سڀني ڌرين کي امن لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جلد کان جلد ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرن گهرجي. صدر ٽرمپ پاران 5 ڏينهن جي مهلت باوجود ايران ۽ اسرائيل جا هڪٻئي تي اڄ 25 هين ڏينهن به زوردار حملا جاري آهن. اسرائيل، تهران، اصفهان ۽ ٻين شهرن تي بمباري ڪئي آهي جڏهن ته ايران، اسرائيل جي مختلف شهرن تي ميزائيلن جي برسات ڪئي آهي. اسرائيل ۾ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون آهن ۽ وڏي پيماني تي ماڻهون مئا ۽ زخمي ٿيا آهن. انقلابي گارڊز چيو آهي ته انهن آپريشن وعده صادق 4 تحت حملن جي 78 هين لهر شروع ڪئي آهي ۽ ان دوران علائقي ۾ آمريڪي هدفن ۽ اسرائيل کي نشانو بڻايو ويو. انقلابي گارڊز موجب، ايلات، ديمونا ۽ اتر تل ابيب سميت مختلف هدفن تي ملٽي وار هيڊ ميزائل ۽ ڊرون استعمال ڪندي حملا ڪيا ويا. انقلابي گارڊز موجب، انهن ڪارروائين ۾ عماد ۽ قدر ميزائل استعمال ڪيا ويا، جڏهن ته خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي به نشانو بڻايو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انقلابي گارڊز جي اڪثر جنگي يونٽن ۽ بسيج فورسز کي اڃا تائين مڪمل طور تي مقرر نه ڪيو ويو آهي، پر جيڪڏهن ضرورت پئي ته انهن کي به شامل ڪيو ويندو.
ڪويت تي 17 ميزائل فائر ڪيا ويا
ڪويت جي فوج ٻڌايو آهي ته اڄ سندن ملڪ تي دشمن 17 ميزائيل فائر ڪيا آهن جن مان 13 ميزائيل فضا م تباهه ڪيا ويا ۽ سندن ملبو مختلف جاين تي ڪرڻ سبب عمارتن کي نقصان پهتو آهي. ايڪس تي جاري بيان موجب ڪجهه گهرن کي معمولي نقصان ٿيو ۽ بجلي جي ٽرانسميشن لائينن کي به نقصان پهتو ۽ بجلي بند ٿي وئي. ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. ٻئي پاسي قطر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اڄ ٽيون ڏينهن آهي سندن ملڪ تي ڪو به يزائيل يا ڊرون فائر ناهي ٿيو. باقي 4 ميزائيل خطري واري علائقي کان ٻاهر ڪريا آهن.
ريڊ ڪريسينٽ پاران ايران ۾ تباهي جا انگ اکر جاري
ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيلي فوجن جي حملن ۾ 82 هزار کان وڌيڪ شہري عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن. ايراني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي اڱاري 24 مارچ تي جاري ڪيل انگن اکرن م ٻڌايو آهي ته انهن ۾ 62 هزار گهر، 281 اسپتالون ۽ طبي مرڪز ۽ 498 اسڪول، 17 ريسڪيو مرڪز ۽ 12 ريسڪيو گاڏين به شامل آهن.
ايران سان آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ، اڄوڪي اهم پيش رفت جو تفصيل
لبنان ۾ مقرر ايراني سفير کي ناپسنديده شخص قرار ڏئي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي. لبنان تهران مان پنهنجي سفير کي به واپس گهرائي ورتو آهي.*** اسرائيل جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته لبنان جو اهو فيصلو جائز آهي*** حزب الله جي پارلياماني ميمبر چيو آهي ته اسين ڏکڻ لبنان تي قبضو ڪنداسين ۽ اسرائيل تي حملا جاري رکنداسين*** قطر چيو آهي ته هو العديد آمريڪي بيس بند ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي نه چوندو، ايران کي ختم نٿو ڪري سگهجي، معاملو سفارتڪاري سان حل ٿيڻ گهرجي.*** عراق جي مغرب ۾ آمريڪا جو فضا ۾ جنگي جهازن کي تيل ڀرڻ وارو هڪ جهاز اڄ ڪري تباهه ٿيو آهي، اهڙو هڪ جهاز اڳ ۾ به ڪري پيو هو، سينٽڪام جو چوڻ آهي ته هي جهاز دشمن جي حملي ۾ ناهي ڪريو، نيويارڪ ٽائمز اڳ ۾ چيو هو ته سعودي عرب جي پرنس سلطان بيس تي بيٺل 5 ريفيولنگ جهاز ايراني حملي ۾ متاثر ٿيا آهن، جنهن تي صدر ٽرمپ چيو هو ته هڪ کي نقصان پهتو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب آمريڪا جي هڪ ٻئي ريفيولنگ جهاز کي بن گورين هوائي اڏي تي به نقصان پهتو هو.***ايران، ڪرد ويڙهاڪن تي ميزائيل فائر ڪيو آهي جنهن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا آهن.*** ايران لاريجاني جي مارجڻ بعد محمد باقر کي سيڪورٽي چيف مقرر ڪيو آهي، هو پاسداران انقلاب جو ڪمانڊر رهي چڪو آهي.
عراق ۾ ’پي ايم ايف‘ تي حملو، ڪمانڊر سميت 15 مارجي ويا
عراق جي مغربي صوبي انبار ۾ پاپولر موبيلائيزيشن فورسز (PMF) سان تعلق رکندڙ هڪ جڳهه تي ٿيل فضائي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 جنگجو مارجي ويا، جن ۾ PMF جو انبار آپريشنز ڪمانڊر به شامل هو، جڏهن ته 30 ٻيا زخمي ٿي ويا. سيڪيورٽي ۽ صحت کاتي جي ذريعن جي حوالي سان رائٽرز رپورٽ ڪيو آهي. پي ايم ايف (PMF) پنهنجي بيان ۾ انبار ڪمانڊر سعد البيجي ۽ سندس 14 ساٿين جي موت جي تصديق ڪئي آهي۔ ان حملي جو الزام آمريڪا تي لڳايو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته آمريڪي فضائي حملي ۾ هڪ ڪمانڊ هيڊڪوارٽر کي نشانو بنايو ويو جڏهن عملدار پنهنجي فرض نڀائڻ لاءِ موجود هئا۔ صحت جا ذريعا چيو آهي ته زخمي ٿيلن مان ڪجهه جي حالت نازڪ آهي ۽ فوتين جو انگ وڌي سگھي ٿو۔
ايراني فوج جو آمريڪي صدر کي پيغام، آسمان ڏانهن ڏسو، هڪ نئون سرپرائز اچي پيو
ايراني فوجي عهديدار جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ کي فون ۽ سوشل ميڊيا تان اکيون هٽائڻ گهرجن ۽ آسمان، اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ تيل جي قيمتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ايران هڪ وڏو سرپرائز ڏيڻ وارو آهي.انقلابي گارڊز جي خاتم الانبياء برگيڊ جي ترجمان ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان کي مذاق ۾ ورجايو ته ٽرمپ “توهان کي نوڪري تان ڪڍيو ويو آهي، هن معاملي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ مهرباني. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، ايران اسرائيل تي نوان حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن، اسرائيل جي قبضي هيٺ علائقن تي ميزائل حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.اسرائيلي فوج پڻ ايران پاران ميزائل لانچ ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ايراني ميزائل حملي کان ڏکڻ اسرائيل ۾ نقصان جون رپورٽون آهن. ڏکڻ اسرائيل ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بچاءُ ۽ ڳولا جون ڪارروايون جاري آهن.
آمريڪا ايران جنگ تي روزانو 2 ارب ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي: اماراتي اخبار
امارات جي هڪ اخبار جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ايران جنگ تي روزانو 2 ارب ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي.اماراتي اخبار موجب، پهرين 6 ڏينهن ۾ آمريڪا جو جنگي خرچ 11.3 ارب ڊالر کان وڌيڪ هو، جڏهن ته آمريڪا روزانو جنگ تي 2 ارب ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي.اخبار جو چوڻ آهي ته ايران سان موجوده تڪرار عالمي سطح تي تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيو آهي.اماراتي اخبار موجب، پينٽاگون ڪانگريس کي 200 ارب ڊالر اضافي جي منظوري جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته، آمريڪي ڪانگريس ۾ اضافي فنڊنگ جي منظوري لاءِ سخت رڪاوٽون متوقع آهن.
عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ 3 سيڪڙو واڌ
عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ 3 سيڪڙو واڌ کان پوءِ برطانوي خام تيل جي قيمت 103 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل 91 ڊالر في بيرل تي آهي.
ايران جنگ کي روڪڻ لاءِ 6 اسٽريٽجڪ شرطون پيش ڪري ڇڏيون
هڪ عهديدار، پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي، ايراني ميڊيا کي ٻڌايو ته علائقائي پارٽين ۽ ثالثن ايران کي جنگ کي روڪڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون آهن.عهديدار نئين قانوني اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تحت ڇهه شرطون بيان ڪيون، جن مان پهرين هڪ يقين ڏياريو آهي ته جنگ ٻيهر شروع نه ٿيندي.ٻيو خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏا بند ڪرڻ، ٽيون جارحيت ڪندڙ کي پوئتي ڌڪڻ ۽ ايران کي معاوضو ادا ڪرڻ آهي.چوٿون سڀني علائقائي محاذن تي جنگ ختم ڪرڻ، پنجون آبنائے هرمز لاءِ هڪ نئين قانوني نظام کي لاڳو ڪرڻ، ۽ ڇهين شرط ايران مخالف ميڊيا آپريٽوز خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۽ انهن کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ آهي.
ايراني پرڏيهي وزير جون روسي هم منصب سان ڳالهيون، علائقائي صورتحال تي بحث
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايران جي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو دفاع جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. پنهنجي روسي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه دوران، ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران جي توانائي جي بنيادي ڍانچي تي حملي جو خطرو جنگي ڏوهه ۽ نسل ڪشي جي برابر آهي. جيڪڏهن اهڙيون ڌمڪيون ڏنيون ويون ته ايران جو جواب فوري ۽ فيصلو ڪندڙ هوندو.عباس عراقچي آبنائے هرمز جي حوالي سان ايران تي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. هن واضح ڪيو ته آبنائے هرمز ۾ عدم تحفظ اصل ۾ آمريڪا ۽ صيهوني حڪومت پاران ايران تي حملن جو نتيجو آهي. هن مطالبو ڪيو ته عالمي برادري آمريڪا ۽ اسرائيل کي انهن جي خلاف ورزين ۽ ڏوهن جو ذميوار قرار ڏئي.ڳالهه ٻولهه دوران، روسي پرڏيهي وزير آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي غير قانوني حملن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته روس هميشه بين الاقوامي فورمن تي بين الاقوامي قانون جي حفاظت ڪرڻ ۽ بين الاقوامي لاڳاپن ۾ قانون جي حڪمراني کي ڪمزور ٿيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. موجوده توانائي بحران دنيا جي ڪنهن به اڳوڻي بحران کان وڏو بحران آهي: بين الاقوامي توانائي ايجنسي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر
بين الاقوامي توانائي ايجنسي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، فتح برول، چيو ته دنيا هن وقت هڪ تاريخي تيل بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. آبنائے هرمز جي بندش ۽ تيل ٽينڪرن تي حملن عالمي تيل جي فراهمي ۾ 11 ملين بيرل في ڏينهن گهٽتائي ڪئي آهي، هڪ گهٽتائي جيڪا 70 جي ڏهاڪي جي بحران ۾ به نه ڏٺي وئي هئي.آسٽريليا ۾ ڳالهائيندي، IEA جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر فتح برول چيو ته دنيا هن وقت 70 جي ڏهاڪي کان به وڏي توانائي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. 70 جي ڏهاڪي ۾، دنيا 1973 ۽ 1979 ۾ تيل جي بحران کي ڏٺو. پوءِ 2022 ۾، جڏهن روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي، عالمي گئس بحران پيدا ٿيو، پر هي بحران ايترو سخت نه هو.فتح برول چيو ته بدقسمتي سان، هن بحران کي شروعات ۾ چڱي طرح نه سمجهيو ويو ۽ اهو ئي سبب آهي ته هن ٻاهر اچڻ ۽ عوام ۾ هن موضوع تي ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو.فتح بیرول چيو ته هو مختلف ملڪن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن انهن جي ذخيرن مان تيل جي ڇڏڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي، پر ذخيرن مان تيل جي ڇڏڻ مسئلي جو حل ناهي، مسئلو صرف آبنائے هرمز جي بندش کي هٽائڻ سان حل ٿيندو.
ٽرمپ نيتن ياهو سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ ايران تي حملو ڪرڻ جو آخري حڪم ڏنو: نيوز ايجنسي
خبر ايجنسي موجب، نيتن ياهو ايران تي حملي کان 48 ڪلاڪ اڳ فون تي ٽرمپ سان ڳالهايو. هن هفتي جي شروعات ۾، ٽرمپ ۽ نيتن ياهو کي انٽيليجنس بريفنگ ڏني وئي، ۽ انهن کي ٻڌايو ويو ته خامنه اي ۽ سندس اهم صلاحڪارن جي ملاقات تهران ۾ ٿيڻ واري آهي.خبر ايجنسي موجب، نيتن ياهو چيو ته خامنه اي کي مارڻ جو ان کان بهتر موقعو ڪو نه ٿي سگهي، ٽرمپ ايراني قيادت کي ختم ڪري تاريخ ٺاهي سگهي ٿو، اهو واضح ناهي ته ڇا هي عنصر آمريڪي صدر جي فيصلي ۾ فيصلو ڪندڙ ثابت ٿيو.رپورٽ موجب، روبيو اڳ ۾ قانون سازن کي ٻڌايو هو ته آمريڪا کي هن تڪرار ۾ ڇڪي سگهجي ٿو. ايران ۾ جنوري جي واقعن کان پوءِ، آمريڪا ۽ اسرائيلي جنگ جي منصوبابندي تيز ٿي وئي. جنگ جي منصوبابندي دوران، نيتن ياهو حملي جي حق ۾ لابنگ مهم شروع ڪئي.وائيٽ هائوس جي ترجمان کان پڇيو ويو ته ڇا نيتن ياهو آمريڪا کي جنگ ۾ ڇڪيو. وائيٽ هائوس جي ترجمان جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.خبر ايجنسي موجب، ٽرمپ هن گفتگو کان اڳ ئي ايران تي حملي جي منظوري ڏئي چڪو هو. ٽرمپ نه ته ڪو وقت مقرر ڪيو هو ۽ نه ئي اهي حالتون طئي ڪيون هيون جن ۾ حملو ڪيو ويندو. آمريڪي فوج ڪيترن ئي هفتن لاءِ علائقي ۾ پنهنجي موجودگي وڌائي ڇڏي هئي. حملي جي ممڪن تاريخ ڪجهه ڏينهن اڳ مقرر ڪئي وئي هئي، جيڪا خراب موسم جي ڪري منسوخ ڪئي وئي هئي.
ايراني قوم حملي آورن لاءِ مثالي سزا چاهي ٿي: ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر
سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف واضح ڪيو ته آمريڪا سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، جعلي خبرن جو مقصد معيشت ۽ تيل جي مارڪيٽن ۾ قيمتون گهٽائڻ ۽ ان دلدل مان نڪرڻ آهي جنهن ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل ڦاٿل آهن.باقر قاليباف چيو ته ايراني قوم جارح ملڪن جي مڪمل ۽ شرمناڪ سزا چاهي ٿي، جيستائين هي مقصد حاصل نه ٿئي، سڀئي آفيسر پنهنجي اڳواڻ ۽ قوم جي پويان مضبوطيءَ سان بيٺا آهن.










