ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ اونهاري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سنڌ جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ اونهاري جون موڪلون پهرين جون 2025ع کان 31 جولاءِ 2025ع تائين هونديون. نوٽيفڪيشن سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن تي لاڳو هوندو، جڏهن ته ٻن مهينن لاءِ تدريسي سرگرميون معطل رهنديون.










