ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ شاهه فيصل چوڪ جي ويجهو هڪ گهر ۾ باهه لڳي وئي.ريسڪيو عملدارن موجب، گهر ۾ باهه لڳڻ سبب ٻه عورتون سڙي فوت ٿي ويون.آفيسرن چيو ته فوت ٿيل عورتن جي لاشن کي عباسي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو عملدارن چيو ته فائر برگيڊ جي گاڏي باهه تي ضابطو آندو آهي.










