مانجهند (مهراڻ عمراڻي) خاڻوٺ لڳ حبيب الله موڙ انڊس هاءِ وي تي ڄامشورو کان سيوھڻ ويندڙ ڪرولا ڪار ۽ سيوھڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ مھراڻ ڪار ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مھراڻ ڪار سوار شھدادڪوٽ واسي 4 ڄڻا اعجاز مگسي، مولابخش مگسي، ثناءُالله مگسي ۽ منظور مگسي شديد زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ڪرولا ڪار جا 2 سوار پڻ معمولي زخمي ٿي پيا. زخمين کي مقامي ماڻھن لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو. خاڻوٺ پوليس ڪارن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.










