ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) انٽر ميڊيئٽ جا ساليانه امتحان دير جو شڪار آهن، جنهن سان شاگرد سخت پريشان آهن، جڏهن ته انٽر بورڊ ذريعن جو چوڻ آهي ته مئي جي پهرين هفتي ۾ انٽر يج امتهانن جو شيڊول جاري ٿندو، تفيصل مطاب انٽر امتحان، امتحاني شيڊول ۽ مرڪز کي اڃان تائين آخري شڪل ناهي ملي سگهي، مستقل چيئرمين ڪراچي انٽر بورڊ مقرر نه ٿيڻ سبب امتحاني ۽ انتظامي معاملا سخت متاثر آهن، چيئرمين ميٽرڪ بورڊ غلام حسين سوهو نائين ۽ ڏهين جي امتحانن ۾ رڌل آهي، غلام حسين سوهو کي انٽر بورڊ جون اضافي ذميواريون ڏنيون ويون آهن، ذريعن ٻڌايو ته اميد آهي ته هي امتحان هاڻي مئي جي ٻي هفتي ۾ٿيندا، جڏهن ته فائنل تاريخ جو اعلان تعليم کاتو يا بورڊ انتظاميه پاران اڃان تائين سامهون نه اچي سگهيو آهي.










