ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته ڪراچي انٽر جا شاگرد فيل نه ٿيا، انهن جو پرسنٽيج گهٽ آيو، ڪراچي ۾ ايڪسپو سينٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته اسٽيم نمائش تمام ڪاميابي سان هلي رهي آهي. ان جو مقصد ٻارن ۾ سائنسي رويو پيدا ڪرڻ آهي. شاگردن تمام بهترين پروجيڪٽ ڏيکاريا آهن. سائنسي مقابلن ۾ شاگردن جي تخليقي جدتن کي عالمي سطح تي پهچايو ويندو. هن چيو ته انٽرميڊيئيٽ جي نتيجن بابت هڪ جاچ رپورٽ آئي آهي، جيڪا مون نه ڏٺي آهي،مان انٽرميڊيئيٽ جي حوالي سان رپورٽ پڙهي ان کي عام ڪندس،انٽرميڊيئيٽ جا شاگرد فيل نه ٿيا، پرسنٽيج گهٽ هو ۽ انهن نتيجن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي،سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته نئون تعليمي سال اپريل ۾ شروع ٿيندو، استادن جي لائسنسنگ جي عمل ۾ رڪاوٽون جلد ختم ڪيون وينديون ۽ درسي ڪتابن جي دستيابي کي يقيني بڻايو ويندو. سردار شاهه اهو به چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحالي لاءِ فوري قدم کنيا پيا وڃن.










