ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽرميڊيٽ بورڊ ڪراچي پاران اسڪروٽني فيس ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.انٽر بورڊ ڪراچي جي وقتي چيئرمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪروٽني فيس ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، شاگردن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انٽربورڊ ڪراچي جي وقتي چيئرمين جو چوڻ آهي ته گذريل سال 1432 اسڪروٽني فارم هئا، سڄي معاملي تي سياست ڪئي پئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته هتي جي پروفيسرن جو معيار مختلف آهي، ٻار اسڪول ۾ اڻ پڙهيل آهن، ٻار ڪاليج وڃڻ کان پوءِ بدمعاش بڻجي وڃن ٿا.










