سلطانپور (رپورٽر)دادلوء ڀرسان انسانيت سوز واقعو.، پيرسن مٿان وحشياڻو تشدد ۽ تذليل وڻ سان ٻڌي ماڪوڙا بڇي ڇڏيا، ويڊيو وائرل،ڪينٽ ٿاڻي جي ڳوٺ بلال موچي واسي پنجل انڍڙ کي جوابدارن،شھبان،سونارو بلو وڻ سان ٻڌي تشدد تذليل جو نشانو بڻايو چار مهينا اڳ ڪينٽ ٿاڻي جي حد مهيسرو واه لڳ ڊرٻ مان نذير انڍڙ جون چوري ٿيل ٻڪريون واپس وٺڻ لاءِ 80 ورهين جو پيرسن پورهيت محمد پنجل انڍڙ ڳوٺ بلاول موچي لڳ ڪمال خان انڍڙ جو رهواسي لال پير ۾ شعبان بلو جي ڳوٺ پهتو ته شعبان عرف شعبو بلو ڀاءُ سونارو بلو ۽ سندس جي پٽن ۽ ڀائٽين پيرسن پورهيت محمد پنجل انڍڙ جا هٿ ٻڌي تذليل ڪري مٿس ڏنڊن ۽ هٿيارن جا قنداڪ هڻي سخت تشدد ڪرڻ بعد زنجيرن سان هٿ پير ٻڌي وڻ سان ٻڌي جسم تي ماڪوڙا ڇڏيا، ڪيترائي ڪلاڪ سخت اذيت ڀوڳڻ بعد بيهوش ٿي ويو ڪينٽ پوليس ۽ دادلو پوليس هن مهل تائين ڪجه به نه ڪري سگهي،پيرسن پنجل جو ٻن ڏينهن کانپوءِ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو ويو آهي










