ڪراچي( پ ر )سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان سان رڪن سنڌ اسيمبلي محمد فاروق اعواڻ ملاقات ڪري كورنگي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي سان لاڳاپيل مختلف مسئلن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ان موقعي تي واٽر ڪارپوريشن جي سمورن چيف انجنيئرن سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا ملاقات جي دوران محمد فاروق اعواڻ پنهنجي تڪ ۾ پاڻي ۽ سيوريج سان لاڳاپيل درپيش مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ انهن جي مستقل حل لاءِ مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون سي او او واٽر ڪارپوريشن ڪورنگي جي سمورن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ سخت هدايتون جاري ڪندي چيو تہ عوامي شڪايتن جو بروقت ازالو يقيني بڻايو وڃي ۽ عملي قدمن ۾ ڪنهن بہ قسم جي دير نہ ڪئي وڃي تہ جيئن عوام کي درپيش تڪليفن جو جلد خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي ھن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڏيندي چيو تہ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن منصوبن جي مؤثر نگراني ڪئي وڃي ۽ ڪورنگي جي عوامي مسئلن جو مستقل بنيادن تي حل يقيني بڻايو وڃي سي او او ان ڳالھ تي زور ڏنو تہ چونڊيل نمائندن طرفان موصول ٿيندڙ عوامي شڪايتن کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ۽ انهن جي فوري حل کي عملدار پنهنجي پهرين ترجيح بڻائين انجينئر اسدالله خان جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جي پهرين ترجيح شهرين کي بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ آهي ۽ هن مقصد جي حصول لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا ويندا.










