امپورٽڊ ٽولي کي چونڊن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين:عمران خان

امپورٽڊ ٽولي کي چونڊن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين:عمران خان

لاهور: (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف 9 جنوري تي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ 9 جنوري جي اجلاس ۾ اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان ميمبرن کي ڪي به هدايتون جاري ناهن ڪيون. ذريعن موجب قانوني ماهرن عمران خان کي راءِ ڏني آهي ته اعتماد جو ووٽ عدالتي فيصلي سان مشروط ڪيو وڃي. اعتماد جي ووٽ جي لاءِ گورنر جي حڪم جي ڪابه آئيني حيثيت نه آهي.ذريعن موجب قانوني ماهرن عمران خان کي راءِ ڏني آهي ته جيڪڏهن عدالتي فيصلي کان اڳ اعتماد جو ووٽ وٺندو ته گورنر جو آرڊر آئيني ٿي ويندو.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي ميمبر زينب عمير چيو آهي ته اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان سمون رخن تي صلاح مشورا جاري آهن… پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان صوبائي وزيرن کي پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جو ووٽ ۽ ايندڙ چونڊن جي تيارين جي هدايت ڪئي آهي.لاهور ۾ عمران خان جي جي صدارت هيٺ صوبائي وزيرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ ۽ ايندڙ عام چونڊن جي تيارين لاءِ صوبائي وزيرن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي.عمران خان چيو ته امپورٽڊ ٽولي کي چونڊن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين، سازشي ٽولو اسلام آباد کانپوءِ ڪراچي جي مڪاني چونڊن کان به ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، کين خبر آهي ته عوام انهن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.عمران خان چيو ته اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ کانپوءِ اسان چونڊن لاءِ عوام جي عدالت ۾ وينداسين، ملڪي مسئلن جو حل نيون چونڊون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو