لاهور (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته 23 کان 30 مارچ تائين سڄو هفتو زوردار ۽ جوڊو ڪراٽي واري سياست سان ڀرپور هوندو، سڀني کي گذارش آهي ته ٽڪراءَ ۽ انتشار کان پاسو ڪيو وڃي. جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو ته دما دم مست قلندر ٿيندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان لانگ مارچ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، مولانا کي سمجهڻ گهرجي ته هتي مولا جٽ واري سياست نه هلندي، ان جا نتيجا ڏاڍا خوفناڪ ۽ خطرناڪ نڪرندا، اهو به ٿي سگهي ٿو ته بي اعتمادي بدران ٻيو ڪجهه ٻاهر اچي وڃي. هن چيو ته الحمدلله امپائر پاڪستان سان گڏ آهن ۽ پاڪستان جو مطالبو آهي ته ملڪ ۾ انتشار نه پکيڙيو وڃي، مون کي تصادم جو خطرو آهي، ويڙهه ۽ انتشار نه ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ تحريڪ عدم اعتماد روڊ تي رهندي. گهرو وزير چيو آهي ته امپائر ڪنهن ساب گڏ ناهي، هو پاڪستان ۽ جمهوريت سان گڏ آهن، هو جمهوريت جو حامي آهي ۽ پاڪستان لاءِ سوچي رهيو آهي، هو پاڪستان سان گڏ آهن. شيخ رشيد چيو ته مخالف ڌر چئن سالن ۾ مونجهارو پکيڙي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڊي چوڪ جي صورتحال تي ضابطو آندو ويندو، ڪنٽرول نه ڪري سگهياسين ته هي ڄاڻن هنن جو ڪم ڄاڻي پر اهو ياد رکو ته ڪو حادثو ٿيو ته نقصان مخالف ڌر کي ٿيندو. شيخ رشيد چيو ته عمران خان جي حڪومت ڪون ويندي، سندس 4 سال پورا ٿي ويا، هڪ سال آهي ۽ اهو به ڄڪي ڄپڪي پورو ڪندو، هتي ٻوليون لڳي رهيون آهن، وڪامندڙ خوار ٿيندا اهي ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا، اتحادي عمران خان سان گڏ آهن. گهرو وزير چيو ته مارچ جو آخري ڏهاڪو ڪافي مصروف هوندو. هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن جا 172 ميمبر پورا نه آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته لٺيون تيل ۾ ڀڄائڻ وارو بيان مولانا کي نٿو سونهين.










