امتحاني مرڪزن جو دورو، امتحان صحيح پيا هلن، مهر

امتحاني مرڪزن جو دورو، امتحان صحيح پيا هلن، مهر

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگرانيءَ هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جي هلندڙ سالياني جي سلسلي ۾ نائين جماعت جي فزڪس جو پرچو ورتو ويو جنهن دوران لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي چيئرمين خالد حسين مهر سيڪريٽري تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو سيد اشفاق حسين شاهه سيڪريٽري ۽ پي آر او فيض محمد ملاح سان گڏجي شهر جي گورنمينٽ انگلش ماڊل اسڪول لاڙڪاڻو، گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ قائم امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري جائزو ورتو جتي چيئرمين پرنسپال، انٽرنل ۽ ايڪسٽرنل سپريٽيڊنٽس کان معلومات وٺندي کين سختيءَ سان هدايت ڪئي ته هو امتحاني سينٽرن ۾ موبائيل کڻي اچڻ تي لاڳو ڪيل پابندي تي مڪمل عمل درآمد ڪرائي ڪاپي کي روڪڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪن ٻي صورت سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي چيئرمين خالد حسين مهر جو چوڻ هو ته اڄ تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي نگرانيءَ ۾ نائين جماعت جي فزڪس جو پرچو بهتر نموني هلي رهيو آهي ان حوالي سان ڪا به شڪايت ناهي ملي. هن چيو ته سالياني امتحانن دوران تعليمي بورڊ جي 36 وجيلنس ٽيمن ۽ تعليم کاتي سميت انتظاميه طرفان جوڙيل 28 وجيلنس ٽيمن لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن ۾ مجموعي طور 774 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو آهي ۽ ڪاپي روڪڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي سخت هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙن وارن امتحاني سينٽرن ۾ ڪجهه اشوز آهن پر شهر جي سمورن امتحاني سينٽرن ۾ پاڻي، لائيٽ ۽ ٻيون سهولتون موجود آهن جتي آسانيءَ سان اميداور پرچو حل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته امتحانن جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سان رابطو ڪيو هو جنهن امتحانن دوران ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ چيئرمين تعليمي بورڊ جو چوڻ هو ته امتحان ڏيندڙ ٻار مستقبل جا معمار آهن اسان کي پنهنجي ٻارن جي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو ان ۾ والدين جو اهم ڪردار آهي جن کي گهرجي ته هو امتحان لاءِ ايندڙ پنهنجي ٻارن کان موبائيل کڻي وڃڻ کان منع ڪن ڇاڪاڻ هي ٽيڪنالاجي جو دورو آهي جتي شيون مثبت آهن اتي انهن شين جا نقصان به هوندا آهن تنهن ڪري ٽيڪنالاجي کي مثبت طريقي سان استعمال ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ ضروري آهي ته امتحانن جي حوالي سان ٻارن کي موبائيل کڻي اچڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو