نوشهره (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري واري معاملي تي وزير دفاع پرويز خٽڪ چيو آهي ته هو نه ٿو چاهي ته اسيمبلي جو اختيار عدالتن ڏانهن وڃي پر اسان پنهنجو اختيار پاڻ استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا. نوشهره جي علائقي وزيرآباد ۾ سوئي گيس افتتاح جي موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪرڻ بعد وزير دفاع پرويز خٽڪ ٻڌايو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر اليڪشن ڪميشن سميت اهم قانون سازي بابت اپوزيشن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته اسيمبلي جو اختيار عدالتن ۾ وڃڻ بجاءِ اسان اهي اختيار پاڻ استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا. جمعيت علماءِ اسلام ف جي مرڪزي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وزير دفاع چيو ته خبر ناهي ته مولانا وٽ ڪهڙي دوا آهي جيڪو هر وقت چئي رهيو آهي ته حڪومت هن مهيني ۾ ختم ٿي ويندي جيڪا ڳالهه ناممڪن آهي. پرويز خٽڪ چيو ته اپوزيشن کي ڪجهه ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي ته ان جا پنهنجا ميمبر انهن کان جان ڇڏائڻ جي پويان آهن. واضح رهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ 2 ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ گذريل مهيني کان ڊيد لاڪ هن مهل تائين برقرار آهي.










