افغان فورسز جي پاڪستاني علائقن ۾ شيلنگ، 6 شهري شهيد، 17 زخمي

افغان فورسز جي پاڪستاني علائقن ۾ شيلنگ، 6 شهري شهيد، 17 زخمي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)چمن ۾ شهري آبادي تي افغان سرحدي فورسز جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري شهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب پاڪستاني سرحدي فورسز افغان سرحدي فورسز جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو پر علائقي ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب واقعي کانپوءِ پاڪستان ڪابل ۾ افغان اختيارين سان به رابطو ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ان حوالي سان ليويز اهلڪارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪ افغان سرحد کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، ٻه طرفي واپار معطل ڪيو ويو آهي ۽ ڪسٽم هائوس کي خالي ڪرايو ويو آهي.ليويز عملدارن موجب باب دوستي جي ٻنهي پاسن کان پاڪستاني مال بردار ۽ خالي ٽرڪون ڦاٿل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو