نوشھرو فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي )افغاني پٺاڻن ۽ بنگالين جا جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ خلاف نادرا آفيس نوشهروفيروز اڳيان سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي اڳواڻن خادم سيال مهر وسطڙو ثمر سنڌي اسد چانڊيو امجد راڄپر محمد عرس مشوري شبير ميراڻي لالا عادل عباسي رضا کوکر ببن سيال خالد چانڊيو ۽ ٻين سياسي ماڻهن سون جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ڌارين جي آبادڪاري برداشت نه ڪنداسين. اسانجي ضلعي ۾ ڄاڻي واڻي سرڪاري سرپرستي ۾ افغاني پٺاڻن ۽ بنگالين کي آباد ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته شهر ۾ 8 وارڊ آهن پر انتظاميه وارڊ 9 ۽ 10 جو اضافو ڄاڻائي افغانين ۽ بنگالين کي آباد ڪري شناختي ڪارڊ ٺاهي پئي ڏي. اسين نادرا ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي ملازمن کي خبردار ڪريون ٿا ته هو چند ڏوڪڙن عيوض ڌرتي ماءُ جو سودو نه ڪن. اسين کين خبردار ٿا ڪريون ته سازش جو حصو نه بڻجن ٻئي صورت ۾ رستا روڪ ڪنداسسين.










