افغانستان کي آسٽريليا جي شڪست، ورلڊ ڪپ جو سفر جاري

لنڊن( ڊيسڪ رپورٽ) ورلڊ ڪرڪٽ ڪپ 2019 جي چوٿين ميچ آسٽريليا ۽ افغانستان ۾ کيڏي وئي. افغانستان ٽاس کٽي ٻيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 38.2 اوورز ۾ 207 رنز اسڪور ڪيون. آسٽريليا جوابي بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن تان ميچ کٽي ورتي. آسٽريليا محتاط انداز ۾ بيٽنگ ڪندي 34.5 اوورز ۾ ميچ کٽي ورتي، وارنر ابتدائي ميچ ۾ 89 ناٽ آئوٽ ٺاهي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي. ڪپتان ايرون فنچ 49 بالن تي 66 رنسون ٺاهي جيت جي پيڙهه جو پٿر رکيو.

پهنجو تبصرو موڪليو