برسلز(ويب ڊيسڪ)اتحادي فوج جي هڪ عهديدار جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جي فيصلي کانپوءِ افغانستان مان نيٽو فورسز جي نڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.نيٽو عملدارن جو چوڻ هو ته نيٽو اتحادين اپريل جي وچ ڌاران فيصلو ڪيو هو ته پهرين مئي تائين ريزولوٽ سپورٽ مشن فورسز جي واپسي جي شروعات ڪئي وڃي ۽ اهو عمل هاڻ شروع ٿي ويو آهي، هي هڪ منظم،مربوط ۽ سوچيل سمجهيل عمل هوندو.










