اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر جو معاملو استحقاق ڪميٽي حوالي

اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر جو معاملو استحقاق ڪميٽي حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر جي عدم تعميل تي معاملو استحقاق ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو، اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪرڻ بابت فيصلي ۾ هن چيو ته سينيٽر اعجاز چوڌري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا هئا، پر کيس عون عباس ۽ اعجاز چوڌري جي گرفتاري بابت آگاهه نه ڪيو ويو هو، يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پروڊڪشن آرڊر تي جزوي طور تي عمل ڪيو ويو، ۽ پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪرڻ سان اختيار کي چئلينج ڪيو ويو،سينيٽ چيئرمين چيو ته هو پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ٿيڻ جو معاملو استحقاق ڪميٽي ڏانهن موڪليندو.

پهنجو تبصرو موڪليو