اعتماد جي ووٽ کان پوءِ وزيراعظم لاءِ هڪ ٻيو وڏو چيلنج

اعتماد جي ووٽ کان پوءِ وزيراعظم لاءِ هڪ ٻيو وڏو چيلنج

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان کي ايوان مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ هڪ ٻيو وڏو چيلنج سامهون اچي ويو آهي.ذريعن موجب هڪ طرف پراڻي دوستي ۽  ڀروسي جوڳو وزير ته ٻئي طرف اهم اتحادين جي وچ ۾ مقابلو شروع ٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان تي سينيٽ چونڊن کان پوءِ اتحادين طرفان به ڊپٽي چيئرمين ۽ وڌيڪ وزارتون ڏيڻ جا  مطالبا سامهون اچي  رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر انتهائي ويجهن دوستن سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. پر اتحادين جي ڳالهه نه مڃڻ جي صورت ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي لابنگ مشڪل ٿي ويندي.ٻئي طرف اپوزيشن جي وڏي پارٽي پيپلز پارٽي به حڪومتي اتحادين کي آفرز ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب حڪمران پارٽي ۽ اتحادي نمائندن جي وچ ۾ به وزارت تي مقابلو شروع ٿي چڪو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين چونڊيل سينيٽر بيريسٽر علي ظفر کي فروغ نسيم جي جڳهه تي قانون وارو وزير بنجڻ جي خواهش آهي. جڏهن ته فروغ نسيم قانون واري وزارت کان سواءِ ڪنهن ٻئي عهدي جي لاءِ تيار نه آهي. ان کان علاوه پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ جو قلمدان هڪ دفعو ٻيهر خطري ۾ پئجي ويو آهي پهريان کيس سينيت جو ٽڪيٽ نه ڏنو ويو ۽ هاڻ صلاحڪار جو عهدو به هٿ مان وڃڻ جو ڊپ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بيرسٽر علي ظفر کي پارلياماني معاملن وارو وزير بنائڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي جنهن کي نئين چونڊيل سينيٽر قبول نه ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر وزارت جي مطالبي کان پوءِ ڊپٽي چيئرمين جو عهدو گهري ورتو آهي. وزيراعظم جي ويجهن دوستن طرفان فروغ نسيم کي بطور ڊپٽي چيئرمين جو عهدو ڏئي سڀني کي راضي ڪرڻ جي تجويز ڏني پئي وڃي. جڏهن ته فروغ نسيم قانون واري وزارت کان سواءِ ڪو ٻيو قلمدان نه سنڀالڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته فروغ نسيم کي بطور قانون واري وزير طور وزيراعظم جو اعتماد حاصل آهي ۽ عمران خان ان جي ڪارڪردگي مان به مطمئن آهي. ان کان علاوه ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم کي پيپلز پارٽي طرفان وڏي آڇ ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن حڪومت سان ڳالهيون نه ٿي سگهيون ته ايم ڪيو ايم حڪومتي اتحاد ڇڏڻ جو به اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.ايم ڪيو ايم جي قيادت فيصل سبزواري کي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ يا ايم ڪيو ايم جي ڪوٽا جو وزير بنائڻ جي خواهشمند آهي. ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو