لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ميڊيا اسٽريٽجي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب عمران خان جي صدارت هيٺ زمان پارڪ ۾ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي ۽ پنجاب جي سينيئر قيادت جو اجلاس اڄ ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي اعتماد جي ووٽ جي حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني ويندي.ان کان علاوه وڏي وزير پرويز الاهي سان ملاقات ڪندڙ ڪميٽي اڄ عمران خان کي بريفنگ ڏيندي، ملاقات ۾ پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جي وچ ۾ ٿيل معاملن تي عمران خان کي بريفنگ ڏني ويندي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان به پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.فواد چوڌري چيو ته اجلاس 28 ڊسمبر تي ڪي پي هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو، عمران خان پارٽي ميمبر قومي اسيمبلي کي وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندو.ذريعن موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي استعيفيٰ بابت حڪمت عملي جو فيصلو ڪيو ويندو.










