اسپتالن کي جديد انٽروينشنل ريڊيالاجي يونٽن سان ليس ڪرڻ جي ضروري آهي

اسپتالن کي جديد انٽروينشنل ريڊيالاجي يونٽن سان ليس ڪرڻ جي ضروري آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اسپتالن کي جديد انٽروينشنل ريڊيالاجي يونٽن سان ليس ڪرڻ ضروري آهي.ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ انٽروينشنل ريڊيالاجي سوسائٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي لاءِ ڪيترائي قدم شروع ڪيا آهن.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان سنڌ پيپلز هيلٿ پروگرام کي وڌايو آهي، انهي ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته سنڌ جا ماڻهو جديد طبي سهولتن مان فائدو حاصل ڪن.هن چيو ته موبائل هيلٿ يونٽ ڏورانهن علائقن ۾ ٽيلي ميڊيسن فراهم ڪري رهيا آهن جڏهن ته صحت جي شعبي ۾ سرڪاري-نجي ڀائيواري کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. مراد علي شاهه اهو به چيو ته سنڌ حڪومت ملڪ ۾ انٽروينشنل ريڊيالاجي ۾ سڀ کان اڳيان آهي ۽ جناح اسپتال ۾ جديد انٽروينشنل ريڊيالاجي سسٽم نصب ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو