ميرپور ماٿيلو (ن س) صوبائي وزير زراعت، اينٽي ڪرپشن ۽ اسپورٽس سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کي بهتر بڻايو ويندو ته جيئن هتان جي ماڻهن کي صحت جون بنيادي سهولتون ملي سگهن، اسان جو مقصد ضلعي گهوٽڪي جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي سي ڪمپليڪس ميرپور ماٿيلو ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کي بهتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو، گڏجاڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر علي خان لنڊ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر رائو آفتاب سميت صنعتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر خطاب ڪندي چيو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ضلعي جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي جنهن کي بهتر بڻايو ويندو ته جيئن هتي ضلعي جي ماڻهن کي صحت جون بنيادي سهولتون ملي سگهن، هن چيو ته ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪرڻ واسطي صحت کاتي جي صوبائي وزير کي گذارش ڪئي آهي جڏهن ته هنگامي بنيادن تي اسپتال کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صنعتي ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صوبائي وزير ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي ايڇ او کي هدايت ڪندي چيو ته اسپتال کي لاڀائتو بڻائڻ لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪري صنعتي ادارن کي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن سندن سهڪار سان اسپتال بهتر ٿي سگهي. ان موقعي تي او جي ڊي ايل قادرپور گيس فيلڊ ۽ اينگرو فرٽيلائزر جي نمائندن صوبائي وزير کي يقين ڏياريو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل تعاون فراهم ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ پهرين مرحلي ۾ ٽراما سينٽر ۽ ڊائلاسز سينٽر کي سهولتون فراهم ڪري بهتر ڪيو ويندو. ان کان اڳ صوبائي وزير پاڪستان پيپلزپارٽي جي صدر مير بابر علي خان لنڊ سان گڏ جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچي، ٽراما سينٽر، ڊائلاسز سيٽر، ڪارڊيو سينٽر سميت مختلف شعبن جو دورو ڪري ڊي ايڇ او کان تفصيلي بريفنگ ورتي.










