لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان چيو اهي ته اسان جي ٽن پنجاب اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي اسٽيبلشميٽ نيوٽرل رهڻ جو چيو آهي اسٽيبلشمينٽ ۾ اڃا تائين جنرل باجوا جو سيٽ اپ ڪم ڪري رهيو آهي حسين حقاني کي جنرل باجوا لابنگ لاءِ آمريڪا ۾ هائر ڪيو ڊولنڊ لو کي پاڪستان مان سبق پڙهايو ويو حسين حقاني منهنجي خلاف مهم ۽ جنرل باجوا جي مشهوري ڪندو رهيو آمريڪا ۾ ٽرمپ حڪومت تاريخي استقبال ڪيو جنرل باجوا آخري ملاقات ۾ چيو ته اوهان پلي بواءِ آهيو مان جواب ڏنو ته ها مان پلي بواءِ رهيو آهيان پٺي ۾ ڇرو هڻي رهيو هو ۽ همدردي به ڪري رهيو هو. پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي گڏ ۽ باپ کي پيپلزپارٽي ۾ شامل ڪرايو پيو وڃي پاڪستان ۾ اسٽيشبلشمينٽ جو نالو هڪ ماڻهو آهي قمر جاويد باجوا احتساب نه ڪرڻ پئي چاهيو ان لاءِ لاڳاپا خراب ٿيا هن چيو ته اسان اسيمبلين ۾ وڃي ڇا ڪنداسين ڪو فائدو نه آهي هن چيو ته بشريٰ بي بي گهريلو عورت آهي اسان آڊيو ليڪس سان پنهنجي نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيون هن چيو ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون ٿين ۽ جٽادار حڪومت ٺهي شفاف اليڪشن سان ملڪ ۾ استحڪام ايندو هن چيو ته ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ معيشت سميت سڀني بحرانن مان نڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي بلاول ڀٽو کي افغانستان بابت ڪو پتو نه آهي موجوده افغان حڪومت سان بهترين لاڳاپا هئا هتي دهستگردي جي جنگ ۾ ڊالر ڪمايا ويا پر 80 هزار ماڻهو ماريا ويا هن چيو ته نجم سيٺي کي ڪرڪيٽ جي الف ب جي به خبر نه آهي رميز راجا جي دور ۾ پاڪستان ٽيم فائنل ۾ پهتي رميز راجا پئسا بچايا ۽ هي لٽائي رهيو آهي نجم سيٺي کي آڻڻ لاءِ پي سي بي جو آئين تبديل ڪيو ويو.










