پشاور (ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪي به پٺئين دروازي کان ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن،پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پارٽي ۾ ڪو به اختلاف ناهي، هر ڪنهن جو پنهنجو نقطه نظر آهي.عمر ايوب جو چوڻ آهي ته گرينڊ الائنس جو پهريون مطالبو نيون چونڊون ڪرائڻ هوندو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) هڪ ٻئي جي پٺي ۾ ڇرو هڻي رهيون آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته رانا ثناءُالله چوي ٿو ته جيڪڏهن هو معافي وٺي ته ڇا سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو؟ اهي اهو به چون ٿا ته 706 ارب روپين کان وڌيڪ جي خساري سان معيشت ڪيئن هلي سگهي ٿي؟










