پارليامينٽرينز جي پگهار 5 لک 19 هزار ڪرڻ بابت بل منظور

پارليامينٽرينز جي پگهار 5 لک 19 هزار ڪرڻ بابت بل منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽيرينز جي پگهار ۽ مراعات 5 لک 19 هزار ڪرڻ بابت ترميمي بل ايوان بالا سينيٽ مان کانپوءِ قومي اسيمبلي مان به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي. هاڻي صدر جي صحيح ڪرڻ شرط ئي هي قابل عمل بڻجي ويندو. بل جي منظوري دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن احتجاج ڪيو ته اسپيڪر کين چيو ته جيڪو اضافي پگهار نه وٺڻ چاهي اهو درخواست لکي ڏي ان جي پگهار نه واڌائينداسين. جنهن بعد هرڪو کسڪندو ويو. ياد رهي ته هن وقت پارليامينٽيرينز جي ماهوار پگهار 2 لک 18 هزار آهي.  قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ اضافي بابت بل رومينه خورشيد عالم پيش ڪيو، جيڪو اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو. ترميمي بل تحت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن جون پگهارون ۽ مراعتون وفاقي سيڪريٽري جي برابر مقرر ڪيون ويون آهن، جنهن تحت ايم اين اي ۽ سينيٽر جي ماهوار پگهار 5 لک 19 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق چيو ته توهان پارليامينٽ کي جعلي چوندا آهيو ۽ پاڻ ئي سنجيده نه ٿيندا آهيو، جيڪو رڪن واڌو پگهار نه ٿو وٺڻ چاهي ته لکي ڏئي سگهي ٿو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ به چيو ته جيڪي ميمبر واڌو پگهار نٿا وٺڻ چاهين اهي اسپيڪر آفيس کي آگاهه ڪن. پيپلز پارٽي، ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارٽن به پگهار وڌائڻ جي حمايت ڪئي ڪئي هئي ، جڏهن ته ميمبرن 10 لک رپيا ماهوار پگهار جو مطالبو ڪيو هو، پر اسپيڪر اياز صادق اِهو مطالبو رد ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو