لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي 5 ڪيسن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عمران خان تي اسلام آباد جي ٽن ٿاڻ تي 5 ڪيس داخل ڪيل آهن. سندس عبوري ۽ حفاظتي ضمانت وارين درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ 2 رڪني خصوصي بئنچ جوڙي وئي، بينچ جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس انور حسين تي مشتمل آهي. ٻڌڻي شروع ٿي ته عمران خان جي وڪيل چيو ته رجسٽرار آفيس ٻيهر حفاظتي ضمانت جمع ڪرائڻ تي اعتراض ڪيو آهي، عدالت اڄ تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪئي هئي، اسلام آباد ۾ عمران خان خلاف سياسي ڪيس آهن، اسين اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهيون ٿا ان ڪري حفاظتي ضمانت ڏيو، عدالت 27 مارچ تائي سندس حفاظتي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ياد رهي ته عام طور تي ٻئي صوبي جي عدالت مختصر مدت لاءِ هڪ ڀيرو حفاظتي ضمانت ڏئي اها هدايت ڪندي آهي ته ٽرائل ڪورٽ يا واسطيدار صوبي جي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو پر هن ڪيس ۾ کيس ٻيهر اها سهولت ملي آهي. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ عورت جج کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا جاري ڪيل ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ سندس وڪيل جي درخواست ٽ قابل ضمانت وارنٽ ۾ تبديل ڪيا ۽ 29 مارچ بدران 30 مارچ تي پيش ٿيڻ جي به سندس درخواست منظور ڪئي وئي.










