لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته آمريڪا غزه جنگ بندي معاهدي جي خاتمي ڏانهن وڌي رهيو آهي.لياقت بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسلامي دنيا کي آمريڪا-اسرائيلي منصوبي خلاف متحد ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته ڪشميرين ۽ فلسطينين سان محبت هر پاڪستاني جي رڳن ۾ آهي. جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير وڌيڪ چيو ته ڪرم ۾ امن معاهدي کي سبوتاز ڪرڻ تباهي آڻيندڙ هوندو.










