اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڊوگر اڄ ملاقات لاءِ نه آيو ۽ هن هاڻي سڀاڻي ملاقات جو چيو آهي.پارليامنٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ سموريون پارٽيون پارليامنٽ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، سياست سڀني جي حق آهي پر عوامي مفاد سڀ کان اهم آهي تنهنڪري عوامي مفاد تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي چيف وهپ گذريل ڏينهن مون سان ملاقات لاءِ رابطو ڪيو هو، مون اڄ اسيمبلي آفيس پچي پاڻ عامر ڊوگر سان رابطو ڪيو، پر پي ٽي آءِ چيف وهب سڀاڻي ملاقات جو چيو.هن چيو ته عامر ڊوگر ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو استعيفيٰ واري معاملي تي ملاقات ڪرڻ چاهين ٿا، مون چيو ته جٿي جي صورت ۾ ملاقات نه ٿيندي، رولز پٽاندڙ سڀني ميمبرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ٿينديون.راجا پرويز اشرف چيو ته تڙ تڪڙ ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جو استعيفائون منظور نه ڪندس، استعيفائونٰ قاعدن ۽ ظابطن پٽاندڙ منظور ٿينديون.










