استادن جو هيڊ ماسترياڻي جي بدلي ۽ حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

استادن جو هيڊ ماسترياڻي جي بدلي ۽ حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

ڪراچي  ( باغي ساگر پنھوار ) صفورا ڳوٺ لڳ سيڪنڊري اسڪول جي استادن جو هيڊ ماسترياڻي جي بدلي ۽ ان کي حراسان ڪرڻ خلاف احتجاج ۽ جاچ جو مطالبو چلڊرينس هوم گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول ريس ڪورس جي هيڊ ماسرياڻي شاهدا بيگم ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته آئون 2018ع کان هن اسڪول کي سنڀاليان ٿي جڏهن چارج ورتي هئي ته 100 شاگرد هئا هاڻي 250 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪن پيا اسان جي اسڪول ۾ ٻه فلور آهن مٿي فلور ۾ ڇوڪرا پڙهن پيا ۽ گرائونڊ فلور جي هڪ پورشن ۾ نياڻين کي داخلا ڏئي پڙهائڻ چاهيون ٿا پر پرائمري اسڪول جو انچارج خليل ميمڻ پنهنجي اسڪول سان گڏ اسان جي اسڪول جي هيٺئين پورشن تي به قبضو ڪري ورتو آهي ۽ هو اسان جي سيڪنڊري اسڪول جي ٻنهي حصن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو هن وڌيڪ چيو ته خليل ميمڻ ان نيت سان اسان جي اسڪول ۾ پنهنجو پرائمري اسڪول شفٽ ڪيو هو ته هو هتي گوسٽ استادن کان منٿلي وٺندو پر اسان هتي سڀني جڏهن محنت ڪري اسڪول کي باقاعدي پابندي سان هلايو سين ته هن جا سڀ منصوبا ختم ٿي ويا ۽ پوءِ اسان خلاف سوشل ميڊيا تي ڪوڙ لکي الزام هڻندو رهيو ۽ شڪايتون به ڪيون جيڪي انڪوائري ۾ بي بنياد ثابت ٿيون  هاڻ هو وڊيوز ڀري فيميل ٽيچرز کي حراسان ڪري ٿو ۽ پنهنجي گهرواري رابيا خليل سان گڏجي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي ٿو ۽ هن وڌيڪ چيو ته منهنجي بلا جواز بدلي ڪئي وئي جيڪا روڪي وڃي وزير تعليم نوٽيس وٺي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ٻئي طرف اسڪول جي استادن  مختيار بيگم، روزينا، نثار احمد، فرحان فاروقي، فرزانه، غزالا صديقي احتجاج ڪري خليل ميمڻ جي بليڪ ميلنگ خلاف نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت تان قبضو ختم ڪرائي بليڪ ميل ڪندڙ ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو