دوڙ (ن س) خاتون اول ۽ صدر آصف علي زرداري جي نياڻي دوڙ/نوابشاھ مان چونڊيل ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري دوڙ تعلقي ڳوٺ مرزا فرخ بيگ جو دورو ڪيو.دوڙمان چونڊيل ايم پي اي صحت واري وزير عذرا پيچوهو به آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ هئي، سنڌ پيپلز هائوسنگ تحت ٻوڏ متاثرين لاءِ تعمير ڪيل گهرن جو دورو ڪيو ويو.دوڙ آصفه ڀٽو زرداري مفت هائوسنگ منصوبي جي عورت فائدو حاصل ڪندڙن ۾ ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ ورهايا.دوڙ گهر جي مالڪن پاران آصفه ڀٽو زرداري کي پنهنجن مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ کنيل قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.دوڙمان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي طرفان توهان کي ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ آئي آهيان هاڻي توهان وٽ ملڪيت جي حقن سان گڏ پنهنجي ڇت آهي، مون پنهنجي ڏاڏي جو واعدو پورو ڪيو، بي بي آصفه ڀٽو زرداري جي عورت مالڪن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اھا آتٿ ڏني تھ پ پ پ ڪڏھن عوام کي اڪيلو نھ ڇڏيندي، اسان پنھنجي تڪ سميت پوري ملڪ جي عوام سان گڏ آھيون










