اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند) اوٻاوڙو ڀرسان ڪمون شهيد ۾ ڏوهارين ڪاھ ڪري احسان چاچڙ کي پنج ڏوهارين اغواھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي علائقي واسين فورن ڪمون شهيد چوڪي انچارج اسلم رند ۽ اوٻاوڙو پوليس کي اطلاع ڏنو ته اوٻاوڙو پوليس ۽ علائقي جي ماڻهن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو جتي هڪ ڏوهاري تنوير سيلرو کي گرفتار ڪري ورتو،جوابدار ٻين جوابدارن جي نشانداهي ڪرائڻ لاء پوليس کي ساڻ ڪري ميرڪوش وٺي وڃي رهيو هو ته وجھ وٺڻ بعد فرار ٿيئڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو جن کي اعلاج لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ آخري اطلائن تائين پوليس موجب ٻين ڏوهارين جي ڳولا جاري آهي جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو










