جوهي (رپورٽ منصور گاڏهي)ڳوٺاڻن احساس ڪفالت پروگرام ۾ فراڊ ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ گل محمد گاڏھي جي رهواسين علي محمد گاڏهي سوالي بروهي مريم بروهي سليمه گاڏهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي الزام هنيو آھي ته انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ايڇ بي ايل ڪنيڪٽ ۽ فرنچائز ايجنٽ جي ملي ڀڳت سان بغير فنگرز جي اسان غريبن سان فراڊ ڪري مستحق عورتن جون قسطن جا پئسا ڪڍي ويا آهن انهن وڌيڪ چيو آهي ته اسان جي ڳوٺ جي رهواسين شاھ خاتون زال عبدالرحيم بروهي ۽ شهربانو زال امين بروهي جي انڪم سپورٽ جا پئسا ڪڍرائڻ ويا ته خبر پئي ته شهداد ڪوٽ ۽ فريد آباد جي ايجنٽ جي مشينن مان گذريل چار سالن کان قسطن جا پئسا نڪتل آهن هنن اعليٰ اختيارن ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ايجنٽ مافيا ۽ ايڇ بي ايل ڪنيڪٽ مافيا خلاف ڪاروائي ڪري نڪتل پئسا واپس ڪرائي اسان مسڪينن سان انصاف ڪيو وڃي.










