آمريڪي ڪمپني ڪوڙ پڪڙيندڙ مشين ايجاد ڪري ورتي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪمپني  ڪوڙ پڪڙيندڙ  مشين ايجاد ڪري ورتي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪا ۾ هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي وئي آهي جيڪا اکين جي پتلين جي حرڪت رڪارڊ ڪندي ۽ ان طريقي سان سچ ۽ ڪوڙ جو 90 سيڪڙو تائين بالڪل صحيح تعين ڪري سگهندي.آمريڪا جي هڪ ٽيڪنالاجي فرم کولوپرس 90 سيڪڙو تائين ڪوڙ ۽ سچ جو صحيح تعين ڪندڙ هڪ لائي مشين متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. آءِ ڊينيڪٽ ٽيڪنالاجي انسانن جي دل جي ڌڙڪن، ساهه کڻن يا پوءِ پگهر اچڻ جو جائزو وٺندڙ مشينن کان بهتر آهي.فرم جي چيئرمين لوڊ ميڪلسن جو چوڻ آهي ته انسانن جي پنهنجي ساهه تي ڪنٽرول ڪرڻ پرسڪون رهڻ ۽ پگهر نه اچڻ کان سچ ۽ ڪوڙ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. آءِ ڊينيڪٽ کي تقريبن 100 مختلف عناصرن سان گڏ پتلين جي سائز ۾ تبديلي کي رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو